اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزي??، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رک??دڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اخت??، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق احمد، ڊاڪٽر نديم جان، ليفٽيننٽ ج??رل (ر) انور علي حيد??، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف تارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.