اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پر??جي??ٽ سان پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائي??ار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان س??مونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان س??ن س??مونڊي شعبي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪراچي کان گوادر تائين س??مونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ??رد??ر ادا ڪندو.