اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر د??يا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ??الهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪستان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ??ارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي د??يا کي ان ??الهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان ??اهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? پاڪستان قائم ٿ??ڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه د??يا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان ??ڏوگڏ پاڪستان جا چين سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان ??ي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو ب?? پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان ??ي به اعتراض آهي.