اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ??يس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي ل??ءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ??يس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشن?? لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي ل??ءِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پ??وسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي ل??ءِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي رهائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي ل??ءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي ل??ءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ??يس ڊي پي ??حت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي ل??ءِ هڪ نئين منصوبي جي ل??ءِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.