بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪ??مير ۾ ٿيندڙ گ??وپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪ??لهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده بريفنگ ??وران چيو ته چين تڪراري علائقن ۾ گ??وپ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طر?? جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گ??وپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گ??وپ 20 اجلاس منعقد ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گ??وپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.