اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران ??ڪومت جي واعده خلافي جي ڪري معطل هو، اپريل 2022ع ۾ اسان ??ڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي و??جهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي و??ندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيول سبسڊي ڏني جنهن جي ڪري قوم کي 100 ارب رپيا ماهوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل سال اسان ??ي امپورٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊالر هو، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود ??سا?? ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان ??ريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ??يليف ملي سگهي.