اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري ??طل??عات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سم??ت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري ??طل??عات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سم??ت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري ??طل??عات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي ا??تعما?? بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سم??ت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي ا??اگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي ک?? ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.