اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري کي قومي نصب ال??ين بڻائڻ جي ضرورت آهي، هلندڙ بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڌي چڙهي ان مهم ۾ حصو وٺن، عالم سڳورا عوام ۾ ان حوالي س??ن شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو هڻي هلندڙ بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڄي پا??ستان ۾ وڻڪاري مهم 2023ع جي شروعات ڪري رهيا آهيون، هلندڙ سال بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، ان سڄي منصوبابندي ۾ اسان جي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم خصوصي دلچسپي ۽ محنت آهي، پا??ستان جي ڪل ايراضي جي ڀيٽ ۾ ٻيلن جي شرح رڳو 5.45 سيڪڙو آهي، اسان کي ??ن کي هنگامي بنيادن تي وڌائڻو پوندو، 2015ع ۾ نيشنل فارسٽ پاليسي جو ڪريڊٽ منهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ پا??ستان ۾ ٻيلن جي بحالي جي نئين سر شروعات ڪئي وئي ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته ٻيلا ماحول کي ??بديل ڪن ٿا ۽ ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جو هڪ اهم ڪردار آهي، صحتمند ماحول ۽ بي شمار منفي اثرن کان بچاءُ ۾ ٻيلا وڏو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پا??ستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ٻيلن جي اهميت کي ??ڃا به وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، 30 ارب ڊالر جو اسان جي معيشت کي نقصان پهتو، پا??ستان ۾ وڻڪاري کي قومي نصب ال??ين بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي، اسان کي ??يندڙ نسلن جي مستقبل کي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ قومي س??ح تي نه رڳو عملي قدمن جي ضرورت آهي پر تعليمي ادارن ۾ به ان جي آگاهي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ زندگي جي هر شعبي س??ن تعلق رکندڙ ماڻهن کي فردن ۽ اجتماعي گذارش آهي ته ان مهم ۾ اهي وڌي چڙهي حصو وٺن، عالم سڳورا به مدرسن ۾ وڻن جي اهميت کي ??جاگر ڪرڻ جي حوالي س??ن قدم کڻن، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ حديثن مان اسان کي وڻن جي اهميت بابت تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جنگ جي صورت ۾ به ميويدار وڻن کي وڍڻ منع ڪيو ويو آهي، پا??ستان ۾ شهري آباديون ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجنديون پيون وڃن، اسان کي ??هرن ۾ به وڻن ۽ گرين ايرياز جي انگ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ برائون ايرياز کي ??يترو گهٽ ڪري سگهون ايترو ماحول جي لاءِ تمام سٺو هوندو. ان جي لاءِ قوم کي اپ??ل ڪندس ته اها هن وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ۽ اچو اسان سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل سنواريون ۽ پا??ستان جي عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پا?? کي ??سان مڪمل ۽ اجتماعي طور تي وقف ڪريون.