اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت ترڪيءَ ۽ شام جي ڀ??ئر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان فارن آفيس وومين ا??سوسيئيشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان فارن سروس جي آفيسرن جي گهروارين ۽ پاڪستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.