ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگردي جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ حصو وٺ??دڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگرد قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، پاڪستان جي سلامتي ۽ ا??تحڪام تي ٿيندڙ هر حملي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ دشمن عنصر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ??اپ??ڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.