اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب هِن سال آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب هن سال حج لاءِ اٽڪل 58 ملڪن جي حاجين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ اي پليٽ فارم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ايندڙ حج جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ سعودي حڪومت پاران شروعاتي ڪوششن جي ??ڪ حصي طور يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي حاجي سڳورن جي ??اءِ hajj.nusuk.sa پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته نئين سروس انهن ملڪن جي حاجين کي درخواست ڏيڻ، ريزرويشن ڪرڻ ۽ اي پيمنٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ حج بابت خدمتن جهڙوڪ رهائش، کاڌي، اڏامن، رهنمائي ۽ چرپر جي ??ئڪيجز چونڊ ڪرڻ جي ??ابل بڻائي ٿي، ??ليٽ فارم تحت ايندڙ ملڪن ۾ فرانس، جرمني، آمريڪا، برطانيا، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن، يونان، جارجيا، سوئٽزرلينڊ، قبرص، ڊينمارڪ، وينزويلا، يوڪرين، ناروي، ??رينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، فن لينڊ، ڪولمبيا، آئرلينڊ، رومانيه، ڪروشيا، نيوزيلينڊ، سربيا، پرتگال، پولينڊ، هنگري، ??اناما، ميڪسيڪو، چلي، ??يرو، ڪيوبا، گوئٽي مالا، يوراگوئي ۽ نگاراگوا شامل آهن. پورٽل ۾ 7 زبانن جي سهولت ڏني وئي آهي، جتان خدمتون حاصل ڪرڻ جي ??اءِ سڀ کان اڳ اميدوار پروفائيل جوڙيندا جنهن ۾ پنهنجي باري ۾ سموري گهربل معلومات لکندا، ان کانپوءِ حج ڪرڻ جا اميدوار گهربل سهولتون دريافت ڪري بڪنگ ڪرائي سگهندا، جنهن جي ??اءِ انهن کي گهربل دستاويز ۽ ڪاغذ لڳائڻا پوندا ج??هن ته پئڪيج جي رقم، ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ، بئنڪ ٽرانسفر ۽ حاجين جي ??لڪن ۾ موجود سروسز سينٽر جي ذريعي سداد سسٽم تي روڪ به جمع ڪرائي سگهبي. سعودي عرب جي حڪومت پاران اچڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ ڪيل شروعاتي ڪوششن جي حصي طور هلندڙ سال 2023ع جي حج جا مناسڪ ادا ڪندڙ حاجين جي ??ڏي انگ جي ??ذهبي ۽ ثقافتي تجربي کي سگهه ڏيڻ جي ??اءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن جو معيار پڻ بلند هوندو، ج??هن ته مُلڪ جي ??يزن 2030ع پروگرامن جا مقصد پڻ حاصل ٿيندا.