ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ ق??رت?? ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ ق??رت?? ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصان?? ۽ ??حالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ?? عالمي برادري جي تعاو?? ۽ ??مايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ا??رن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار ??ه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي ا??رن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ا??رن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ ق??رت?? ماحول جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ?? عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي ق??رت?? آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.