اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي ترقي کي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آه?? ته آبادگار ??ئڪيج تي عملدرآمد تيز ڪيو وڃي، دالين ۽ ٻين جنسن جي پيداوار ??ڌائڻ جيل اءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب هن اها هدايت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي ڏنل تاريخي آبادگار ??ئڪيج تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما، وفاقي گهرووزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراع??م جي خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار ??ئڪيج تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، زرعي شعبي جي ترقي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضامن آه??. هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ پاڪستان ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻو آه??، ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي لاءِ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪنولا ۽ زيتون جي پوکيءَ ۽ پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي دالين سميت ٻين غذائي جنسن جي پيداوار ??ڌائڻ جي لاءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آبادگار ??ئڪيج تي عملدرآمد جي لاءِ ??وجوانن جي لاءِ ??رض اسڪيم، ننڍن آبادگارن جي لاءِ ??ياج تي ڇوٽ ۽ ٻوڏ کان ??تاثر علائقن ۾ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج جي زرعي قرض فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي بئنڪن کي هدايت جاري ڪري چڪي آه??. هلندڙ مالي سال ۾ نومبر تائين 664 ارب جا زرعي قرض آبادگارن ۾ ورهايا ويا آه?? جيڪي گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ آه??.