اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان ا??فا??ميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحافي?? جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان و??يڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل ن??ن ۽ مڊ ڪيريئر صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان ا??فا??ميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان ا??فا??ميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان و??يڪ صحافين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. انهن تربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ رهندڙ صحافين کي به تربيتي ورڪشاپس مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان ا??فا??ميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. انهن تربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ورڪشاپس ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ا??فا??ميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبر?? جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.