اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ دهشتگردن جي ڪا??رو??ئي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏي??دي چيو آهي ته ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگردي جي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اه??ڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهشتگردي کان آزاد ڪيو آهي، انهي جذبي سا?? دهشتگردي جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ ??هشتگردي جي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهستگردن جي خلاف ڪا??رو??ين تي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اه??ڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪ??دي انهن جي درجن جي بل??دي لاءِ ??عا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اه??ڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.