اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت ص??اف??ن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي ص??اف??ن جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان ص??اف??ن جي تحفظ جي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي، ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرنلسٽ سيفٽي فورم تحت گڏيل قومن جي 10 سالا پلان آف ايڪشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جرنلسٽ سيفٽي فورم جي چيئرمين ۽ سينيئر ص??اف?? حامد مير، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لائنلف، ناروي جي سفير ??را??برٽ الساس ۽ فرانس جي سفير نڪولس گيلي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کانسواءِ سينيئر ص??اف?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ص??اف??ن جي تحفظ جي حوالي سان هي اهم تقريب آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي مختلف طبقن جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي اهم معاملو رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اظهار راءِ جي آزادي ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ص??اف??ن کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن جي جدوجهد جو نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا جي صدر سان مون پاڻ ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ۽ پرڏيهي وزير به ارشد شريف جي معاملي ۽ ان جي لاش کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهيو. مون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط پڻ لکيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 33 سال ڊڪٽيٽرشپ رهي پر پاڪستان جمهوري م??ڪ آهي ۽ رهندو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم 1973ع جي آئين کي سياسي قيادت جي اتفاق راءِ جو مظهر قرار ڏيندي چيو ته اختلافن جي باوجود مقدس مقصد جي لاءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سياستدانن هڪ آئين تي اتفاق ڪيو، جيڪو سڀني کي جوڙڻ واري هڪ طاقت آهي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي. ميڊيا جمهوري حڪومت جو اهم ٿنڀ آهي ۽ ص??اف?? برادري منهنجي دل جي ويجهو آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ص??اف??ن جي تحفظ جي لاءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ قانون منظور ڪيو. اسان جي حڪومت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ص??اف??ن جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي جي حمايت ڪندي. وزيراعظم چيو ته گذريل سال پارليامينٽ ۾ ص??اف??ن جي تحفظ جو قانون اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. هن چيو ته ان ۾ سيڪشن 6 جي اضافي جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي آئين ڏني آهي ۽ ص??اف??ن جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به ص??اف??ن ۽ ميڊيا کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم يورپ س??يت دنيا جي مختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته ان کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جرنلسٽ سيفٽي فورم ص??اف??ن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.