اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي نئين چيف جسٽس ??ي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني برادري جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ طور مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس عامر فاروق لنڊن يونيورسٽي برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪ??رٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿي??. ص??ر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف وار?? وفاقي وزارت جسٽس عامر فاروق جي اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي چيف جسٽس ??ي حيثيت سان مقرري جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.