اسلام آباد – 29 – نومبر (اي ??ي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م پاران فلسطيني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه صرف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته اهو ڏينهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذا??ڻ واري فلسطيني عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ مليل آهي. و??ير??عظم چيو ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.