اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ??چت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ??هانگي درآمدي تيل بدران سج جي ??وشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي ??وشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ??چت جي لاءِ ??ڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي ??چت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي ??ڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي ??وشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي ??لد تعمير جي ??ه هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ??يندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي ??ه هدايت ڪئي آهي.