اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سا?? تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صح??يا??ي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ تو??ان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده مح??د بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سا?? گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سا?? پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صح??يا??ي لاءِ دعا پڻ ڪئي.