اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي ان??ونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي ان??ونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي ان??ونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري ??زير جي ڪوششن جي ڪري ان??ونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري ??زير جي ان??ونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.