اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪ??شنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪ??شنر مملڪتي وز??ر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وز??ر پاڪستان جي شاگردن لاءِ ڪ??نيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.