اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين پاڪستان جي خلاف ڪو ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪ??و ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري جي اٿاريل نقطي تي رولنگ ڏيندي اسپيڪر چيو ته آئين پاڪستان جي سربلندي، عزت توقير ۽ تڪريم هر اداري ۽ فرد تي لازمي آ??ي، ان سان جڙيل رهڻ بنيادي شرط آهي. آئين پاڪستان جي خلاف ڪو به ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڪنهن شخص يا اداري کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو آئين سان کي??ي، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪ??و ويندو.