اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي ??ارٽين جي گڏيل تعاون ت?? اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شر??ف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مولانا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مولانا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مج??وعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي ??ارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ت?? اتفاق ڪيو ويو.