اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي علائقي آواران ويجهو ڪاهان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن شهادت ماڻيندڙ سرزمين جي بهادر فرزند ميجر شاهد بشير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع دوران زخ??ي ٿيندڙ سپاهي جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻ??ئڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ساراهيو.