اسلام آباد – 21 ̵1; ا??ريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان ??ون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد ??کي?? ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.