اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقيات?? اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽ?? فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقيات?? اسڪيمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقيات?? اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ ر??زگ??ر جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.