اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ??ري ورتو آهي جتي هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪا جي دوري کي سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانس??ان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪس??ان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانس??ان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا، افغانس??ان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آمريڪي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پ??ڪس??ان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سان مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين تي پ??ڪس??ان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي افغانس??ان بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، انڊونيشيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سان اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پ??ڪس??اني آمريڪن ڪميونٽي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان منعقد ورچوئل فورم کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پ??ڪس??اني ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن تي پ??ڪس??ان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب جي موقعي تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.