اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دن??ا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪوم?? ۾ ??اجڪن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لا??ِ انهن گروپن کي حڪوم?? ۾ ??امل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لا??ِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ م??ائ?? ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لا??ِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.