اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي تي?? جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقي ۽ ذريعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود، پي ايس او جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي ا?? او سيد محمد طلحه ۽ ناميارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان کي اسمگل ٿ??ل تيل جا م??ڪ جي معيشت تي اثرن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڙيسري ملڪن مان تي?? جي اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ساليانو 60 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، پي ايس او جي ايم ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته سندس ادارو ماضي ۾ اسمگل ٿ??ل ت??ل تي ڀاڙيندڙ ضلعن کي تي?? جي فراهمي کي يقيين بڻائڻ لاءِ سپلائي ٻيڻي ڪرڻ جا قدم کنيا آهن، اجلاس۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي پيٽرول پم??س قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت ملي سگهي، اهڙي طرح گلگت ، اسڪردو ۽ سوات ۾ فيول اسٽوريج انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ته جيئن مقامي آبادي کي تي?? جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن علائقن ۾ سياحن جي وڌندڙ تعداد کي به سهولت ميسر اچي سگهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران تي?? جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.