اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خ??ن کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فر??ڊر??سن ٽيليفون ??ئي ۽ ساڻس افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خ??ن ڊينمارڪ جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ سموري افغان عوام جي تحفظ، سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم افغانستان مان سفارتي اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين جي افغانستان مان نڪرڻ جي لا??ِ سهولتڪار طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم افغانستان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لا??ِ پاڪستان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عم??ان خ??ن جا ٿورا مڃيا.