اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري وفاقي ??زير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قد??ن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي ??زير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندو. ??نه?? ملڪن جي وچ م ميڊيا ??فدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي ??زير جي تجويز کي ساراهيو. هن ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قد??ن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.