اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ماڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام تحت 12 هزار رپ??ن جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پروگرام تحت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپ??ن جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پا??ي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ور?? لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پا??ستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع تحت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ور?? ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت تر??ن جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.