اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان کي ناموس رسالت جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي آواز بلند ڪرڻ تي الجزيره ٽي وي جي هفتيوار پروگرام ”سباق الاخبار“ (نيوز مقابله) ۾ هفتي جي مشهور شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. سباق الاخبار الجزيره ٽي وي تي عربي ۾ موثر ۽ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار لائيو پروگرام آهي جيڪو عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ان پروگرام ۾، چينل هفتي جي ٽن کان چئن وڏين خبرن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ناضرين کي ووٽ ڏيڻ جو چيو ويندو آهي ته ڪهڙي ن??وز اسٽوري ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيت سندن خيال ۾ بهترين آهي، ان پروگرام ۾ خبرن سان گڏوگڏ مهمانن جا انٽرويوز به ورتا ويندا آهن، الجزيره جا ناظرين/ شائقين 24 اپريل 2021ع تي سباق الاخبار پروگرام ۾ چئن عالمي شخصيتن لاءِ ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ الجزيره جي ناظرين پاڪستان جي وزيراعظم ع??را?? خان کي ناموس رسالت جي تحفظ جي لاءِ عالمي آواز بڻجي اڀرڻ تي پسنديده ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. ٻين اڳواڻن جن لاءِ ناضرين پسنديدگي جا ووٽ ڏنا، تنهن ۾ شام ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو جنهن اڌ صدي تائين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي جنهن 3 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي ۽ باغين سان جهڙپن ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪيوبا جو صدر فيڊل ڪاسترو جنهن 6 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي، شامل آهن. پاڪستان جي وزيراعظم ع??را?? خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي 56 سيڪڙو ناضرين پسنديدگي جو ووٽ ڏنو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي کي 33 سيڪڙو ۽ شام جي مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو کي 8 سيڪڙو جڏهن ته ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو کي 3 سيڪڙو ووٽ مليا، اهڙي طرح وزيراعظم ع??را?? خان کي مقبول ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. پروگرام جي ميزبان پاڪستاني وزيراعظم ع??را?? خان جي سياسي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته ع??را?? خان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هڪ عالمي آواز بڻجي اڀريو ۽ اولهه جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به نبي ڪريم ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي جو مرتڪب ٿيو ان کي سزا ڏني وڃي.