ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي ج?? نالي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائ?? اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پوءِ به اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صو??ي جي قيام جي شروعات ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صو??و ضرور ٺهندو ۽ ان جي لاءِ آئي??ي ترميم آڻينداسين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي کي ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي خصوصي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.