اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ??ان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر ??ان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ص??ر چيو ته پاڪستان سعودي عرب ??ان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، ص??ر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب ??ان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.