اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي سينيٽر صادق سنجراڻي ۽ مر??ا محمد آفريدي کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا مان ا??هن ٻن عهدن تي چونڊ ملڪ جي ا??هن علائقن کي جيڪي پٺتي پيل آهن يا ماضي ۾ ترقي ۾ پٺتي رهجي ويا هئا قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي سندس پاليسي موجب آهي.