سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن جي زور تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿيو، ا??قادر يونيورسٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجندي، اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرندي، اولهه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مضبوط آهن، ا??هن جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خانداني نظام ۽ مذهب کان دوري انهن جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي انسان جي ڪردارسازي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائيندو آهي، ا??هن جي پارليامينٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وز??راعظم عمران خان سيرت النبي ﷺ ۽ صوفي سڳورن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ٿيندڙ القادر يونيورسٽي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم القادر يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ يونيورسٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين به ساڻس گڏ هو. وز??راعظم عمران خان پارليامينٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي اهميت ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جه??ي طرح تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان ۾ قوم جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿيو ۽ مال پڙي لڳي، ا??صاف جي نظام به ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي، ا?? لاءِ القادر يونيورستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائي، ا??سان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ان جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن الله انسان کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وز??راعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ انسان جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف علم جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين انساني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو حوالو ڏيندي چيو ته هو يورپ جي دوري کان مصر واپس آيو ته ان چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وز??راعظم چيو ته القادر يونيورسٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين سان برابري پيدا ڪرڻ آهي، ا??قادر يونيورسٽي کي مصر جي الازهر يونيورسٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، ن??جوان نسل لاءِ القادر يونيورسٽي رول ماڊل بڻجندي.