اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪ??ڻ جي لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته وبا جي خاتمي تائين غريب ملڪن جا قرض ملتوي ڪيا وڃ??، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جا امدادي فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو وڃ??، ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃ??، وبا جي خاتمي تائين قرضي ملڪن جي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃ??. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ واپار ۽ ترقي بابت ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ بي پناهه صحت ۽ معاشي بحران درپيش آهن، جيڪڏهن ڪورونا وائرس امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪري پر ان سان پٺتي پيل طبقن ۽ غريب ملڪن کي سڀ کان متاثر ڪيو آهي?? لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.