اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ج?? ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي فنڪارن جي فن جي واپاري سطح پذيرائي ضروري آهي ڇو ??ه لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي دستڪارن اسان ج?? ثقافت کي زندهه رکيو آهي. صدر اها ڳالهه لوڪ ورثه ۾ 10 ڏينهن واري لوڪ ميلي جي پڄاڻي تي لوڪ گلوڪارن، دستڪارن ۽ هنرمندن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستا?? ثقافتي ورثي خاص طور تي ٻڌمت جي نوادرات ۽ آثار جي حوالي سان متنوع حيثيت رکندڙ ملڪ آهي.