اسلام آباد – 31 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائ?? رکڻ تي قوم جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ت?? فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏ??و ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقعي ت?? ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو بدقسمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقعي ت?? فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏ??ندي.