اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪ??ءَ جي صدر رجب ??يب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙ??ءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بي??ن موجب ترڪ??ءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏ??ي ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪ??ءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.