اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف گڏيل عرب امارا?? جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چ??و ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب امارا?? جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب امارا?? جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي مل?? جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.