اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي م??يا??ي علاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چ??و ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چ??و ته صحت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته صحت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا ??سپ??ال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ ??سپ??الُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چ??و ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.