اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين مذهبي عقيدن جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي ??را?? ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ اقليتن جي ??ومي ڏينهن جي ??وقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسان جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي ??عمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ ش??يف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت منظور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي ??وقعي تي ڀونگ ش??يف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.