سکر – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سن?? جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پوري تياري سان هڪ وڏو پيڪيج آندو آهي، سن?? حڪومت ڪراچي جي ويجهو نئون شهر ٺاهڻ جي منصوبي جي اين او سي رد ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، ان منصوبي سان سن?? حڪومت کي فائدو ٿيندو، پوئتي پيل علائقن ۽ هيٺين طبقن کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سن?? جي عوام جي حالت بدلائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، سن?? جي پٺتي پيل علائقن جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، چونڊن ۾ پنجاب ۾ هڪ وڏي مافيا سان مقابلو هو ان لاءِ هتي وڌيڪ ڌيان نه ڏئي سگهيس، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، سکر – حيدرآباد موٽر وي، نئين گاج ڊيم جي تعمير سان علائقي کي وڏو فائدو ٿيندو، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين وڌائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سن?? جي 14 ترجيحي ض??عن جي لا 446 ارب روپين جي ميگا ترقياتي منصوبي تحت ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سن?? جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، شاهه محمود قريشي، سيد علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس اڄ سکر اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هو ڪراچي جو دورو ڪندو رهيو آهي پر سن?? جي ٻين شهرن ۾ اچڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، هن چيو ته سن?? جي پٺتي پيل علائقا غريب ترين علائقن ۾ شمار ٿين ٿا، 25 سال پهرين جڏهن مون سياست شروع ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويس ته بلوچستان، قبائلي علائقن ۽ سن?? جي ماڻهن کي تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ جيئندي ڏٺو. عوام کي بنيادي سهولتون ۽ حق ميسر نه آهن اهي پوليس ۽ طاقتور جي ظلم ۽ انتقامي ڪاررواين جو شڪار آهن، موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻو شهر آهي پر سن?? جو اهو علائقو ترقي ڪرڻ بدران پسماندگي طرف وڃي رهيو آهي، سن?? جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، وزيراعظم چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ منهنجو پنجاب جي وڏي مافيا سان مقابلو هو، ان لاءِ آئون سن?? تي وڌيڪ ڏيان نه ڏئي سگهيس، هن چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ تي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض چڙهيل هو. اڍائي سالن ۾ اسان 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪيو هو، اهڙي طرح اسان (ن) ليگ جي مقابلي ۾ اضافي 15 هزار ارب روپيا قرضن جي قسطن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ ڏنا. جيڪڏهن اسان اهو پئسو روڊن، اسڪولن، اسپتالن، آبپاشي جي نظام ۽ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪريون ها ته ملڪ ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ها پر قرضن جو پهاڙ اسان جي سامهون ڪر کنيو ??يٺ?? هو ۽ اسان جو گهڻو پئسو ان مد ۾ خرچ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسان وٽ ايترا پئسا نه هئا ته عوام جي ترقي ۽ فلاحي منصوبن لاءِ خرچ ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته سن?? جي پٺتي پيل علائقن جي عوام لاءِ 446 ارب روپين جو پيڪيج وڏي مشڪل حالتن ۾ تيار ڪيو آهي، پوري تياري سان پورو پيڪيج کڻي آيا آهيون، هڪ مهيني ۾ ان پيڪيج تي عملدرآمد نظر ايندو، وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائي رهيا آهيون.