اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? هو پاڪستان بحريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر ??يو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي ت?? پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي ا??يرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي ت?? ص??ر کي ا??ن مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر ??ي سلامي پڻ پيش ڪئي.