اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بئنڪن طرفان تعميرات جي شعبي ?? متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعميرات جو شعبو معيشت جي فروغ جو ضامن آهي، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان بئنڪن جي لاءِ منافع ??خش ڪاروبار جا بي شمار موقعا ميسر ايندا، گهرن جي تعمير جي حوالي سان در??وا??تون کي آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي، گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ماڻهو ان سهولت مان وڌ کان وڌ لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن هائوسنگ ڪميٽي، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.