اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي ??ٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ ف??ق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيرا??ظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.