اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري کي ??ر ممڪن سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪاروباري برادري کي ??ڌيڪ آسانيون ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي مئنيجنگ ڪميٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر شهزاد دادا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.